سج الائي ڪٿي ڪري پيو

سج الائي ڪٿي ڪري پيو

سج الائي ڪٿي ڪري پيو

سج الائي ڪٿي ڪري پيو (ڪتاب): هي هند جي سنڌي شاعرِ ومي سدارنگاڻيءَ جي ڪوتائن (شاعريءَ) جو ٻيو نمبر مجموعو آهي، جيڪو هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي هنن لفظن ۾ ارپيو آهي: ”مٺڙي ماءُ کي، جنهن سنڌيءَ ۾ پهريون پيار ڏنو ۽ پياري بابا کي، جنهن پڙهڻ لاءِ چاهه وڌايو.“
ڪتاب ۾ وِميءَ جون 42 ڪوتائون شامل آهن، جيڪي فڪري طور سگهاريون ۽ منفرد لهجي جون اَڇت ڪوِتائون آهن، جن ۾ خاص ڪري عورت جي دکن ۽ پيڙائن جا حقيقي روپ بيان ڪيا ويا آهن. هن ڪرائون سائيز جي پڪي جلد تي مشتمل ڪتاب کي ڪتاب کي وڀا پبليڪيشن، آديپور (ڪڇ) پاران، 2004ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو